ڊاڪٽر عابد مظهر

ڊاڪٽر عابد مظهر

عابد مظهر ڊاڪٽر

عابد مظهر، ڊاڪٽر: نامور اديب، اسڪالر، محقق، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظهر جو پورو نالو سيد عابد شاهه ولد سيد مظهر سيوهاڻي آهي. سندس جنم 21 مئي 1951ع تي ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ باجارا جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول طالب الموليٰ دادوءَ مان، انٽر سٽي ڪاليج حيدرآباد مان، بي. اي سچل ڪاليج حيدرآباد مان، ايم. اي اڪنامڪس، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم. اي سنڌيءَ ۾ 1983ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. هن ‘شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا’ جي عنوان سان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي رهنمائيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1999ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس والد سيد مظهر سيوهاڻي پنهنجي وقت جو نامور اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 2011ع ۾ سنڌي شعبي مان انچارج چيئرمئن جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر عابد مظهر جو لکڻ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو. هيءُ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جو باني، سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو باني، سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جو باني ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ جو باني سيڪريٽري رهيو آهي. عابد مظهر هن وقت صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه ۾ ايم. اي جي ڪلاس جي شاگردن کي اعزازي طور پڙهائي رهيو آهي. ان کان سواءِ الهادي يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ پڻ پڙهائي رهيو آهي. هيءُ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ڪيترا پروگرام ڪري چڪو آهي. عابد مظهر هن وقت سنڌي ادبي سنگت گلشن ٽائون ڪراچيءَ سان سلهاڙيل آهي ۽ ۵رسچل سوشل ويلفيئر ڪراچيءَ جو نائب صدر پڻ آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ پڪا ۽ پيرون (مضمون)، گم ٿيل محبتون (ڪهاڻيون)، وڇوڙي جو آٽوگراف (شاعري)، شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز: ڇپيل 2011ع) ۽ بزم غزل (سيد مظهر سيوهاڻيءَ جو ڪلام: ترتيب) قابل ذڪر آهن. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾ يوٿ ويلفيئر اسٽوڊنٽس ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان بهترين استاد اوارڊ، انيس انصاري اڪيڊميءَ طرفان بهترين ڪهاڻيڪار اوارڊ، سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان اوارڊ، سپر سوشل ويلفيئر ڪراچي اوارڊ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان اوارڊ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ ۽ مهراڻ ڪلچر گروپ دبئيءَ طرفان مڃتا اوارڊ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.05.21  عيسوي

ڊاڪٽر عابد مظهر جو جنم 21 مئي 1951ع تي ڳوٺ باجارا، تعلقي سيوهڻ، ضلعي ڄام شوري ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر
اشفاق لغاري
پنجواڻي رام پروفيسر
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
چندر ڪيسواڻي
شان الحق حقي
فاروق سولنگي
خالد ٽالپر
خانائي حامد علي قريشي
محمد خان سيال
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون